جهانيان خاندان (ڪتاب)

جهانيان خاندان (ڪتاب)

جهانيان خاندان ڪتاب

جهانيان خاندان (ڪتاب): هي ڪتاب وي. جي مٽائيءَ جي سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگريءَ لاءِ پيش ٿيل مونوگراف (ٿيسز) تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ’جهانيان خاندان‘ بابت پهرين تحقيقي ٿيسز آهي، جنهن جي متن ۾ سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ درستيون ۽ واڌارا ڪيا آهن. هي ڪتاب سترهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شجرو جهانيان خاندان، اُچ جو احوال، اُچ جا پهريان ٽي بخاري اولياءَ، جهانيان خاندان گجرات ۾، شاهپور جهانيان جا پهريان پنج اولياءَ، سيد ويڌل شاهه، سيد فتح الدين شاهه، قطب علي شاهه ’قطب‘، فقير روشن علي شاهه ۽ سندس ڪلام، سيد شمس الدين شاهه ۽ سندس ڪلام، سيد غلام شاهه ۽ سندس ڪلام، فقير هادي بخش شاهه ۽ سندس ڪلام، سيد غلام عباس شاهه ۽ سندس ڪلام، فقير مهدي شاهه، سيد منظور نقوي ۽ جهانيان خاندان جون ٻيون شاخون شامل آهن. 250 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1972ع ۾، ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 150 رپيا آهي. هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ يونيورسٽي آف سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو